farhan ali qadri
Home | Video | Audio | Albums | Latest Album | Gallery | Forum | Guest Book | Search | Tell A Friend | Contact
Title Bookmark and Share farhan ali qadri
Last 10 Topics:  #1 ALLAH IS WITH YOU(MARIAM ZAFAR)    #2 all fingers are not same(MARIAM ZAFAR)    #3 We Are Also OTHERS(MARIAM ZAFAR)    #4 ishq-e-mustafa(MARIAM ZAFAR)    #5 JAB ROOH USKI KHABAR(MARIAM ZAFAR)    #6 JAB ROOH(MARIAM ZAFAR)    #7 FARMAN-E-NABI(MARIAM ZAFAR)    #8 THE BEAUTIFUL(MARIAM ZAFAR)    #9 Happy Birthday Brothers Irfan, ALL IS WELL, Faizkhan(Amna)    #10 Happy Birthday Brothers Irfan, ALL IS WELL, Faizkhan(Amna)  

Hits: 3,427,770
Farhan Ali Qadri - مِٺو پِيارو سُهڻو نَالو آقا جو،
        Sindhi Lyric
Video   Audio   Sindhi

مِٺو پِيارو سُهڻو نَالو آقا جو،

مِٺو پِيارو سُهڻو نَالو آقا جو،
مِٺو پِيارو سُهڻو نَالو مَدَنيءَ جو،
آهي اَلله کي پيارو، جنهن جو آ شان نِرالو،
اِهڙو مُرسل اَسان کي مِليو.
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،
ڪيڏو ته مِٺڙو نالو آهي محُمد،
چُمي اکين تي رکان نَالو محُمد،
جيڪو به نَانوَ کڻي ٿو، دل کي سڪون ملي ٿو،
مددگار اَسان کي مِليو.
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،
جنهن جو الله به ذِڪر ڪندو آ،
فرشتن کي به حُڪم ڏيندو آ،
مومن کي به حُڪم آ، قُرآن ۾ به لِکيل آ،
صَلِ الله سَڀئي پڙهو.
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،
اَلله حبيب کي پاڻ گُهرايو،
پنهنجي نبيءَ کي معراج ڪرايو،
سڃڻ سير ڪندو ويو،
رُڪي جبرائيل به ويو،
خُدا سان رُوبرو مِليو،
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،
آقا جي صدقي دُنيا هلي پَئي،
ٻَاجھ سان ٻيڙي مُنهنجي تَري پَئي،
چَوي گوپانگ مولائي، محُمد ڪئي آ سَڻائي،
ڀاڳ فرحان جو به کليو.
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،
آهي الله کي پيارو، جنهن جو آ شان نِرالو،
اِهڙو مُرسل اَسان کي مِليو،
مِٺو پِيارو سُهڻو نالو آقا جو، مِٺو پِيارو سُهڻو نالو مَدَنيءَ جو،

Copyright © 2007 - 2012 - All Rights Reserved