farhan ali qadri
Home | Video | Audio | Albums | Latest Album | Gallery | Forum | Guest Book | Search | Tell A Friend | Contact
Title Bookmark and Share farhan ali qadri


Farhan Ali Qadri - ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،
        Sindhi Lyric
  Audio   Sindhi

ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،

ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،
هَيءِ ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،

عيب آهن مون ۾ گھڻا، يا رسول الله ڪي نه ٿو ڪنهن کي وَڻا،
عيب آهن مون ۾ گھڻا، يا رسول الله ڪي نه ٿو ڪنهن کي وَڻا،
هَيءِ ڪهڙاکڻي ڪهڙا کڻا، ڏِينهن نه ٿو مُنهنجو ڏَري،
آئون اَوهان جي آسري يا رَسُول الله، آئون اَوهان جي آسري.
هَيءِ ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،

ڪا پِرين واهر ڪجان، يا رَسُول الله! ڏَس خُدارا هي ڏجان،
ڪا پرين واهر ڪجان، يا رسول الله! ڏَس خُدارا هي ڏجان،
هَيءِ قبر اندر سَاڻين ٿِجان پَرَ ديس جو پَنڌ آ پري.
آئون اَوهان جي آسري يا رَسُول الله، آئون اوهان جي آسري.
هَيءِ ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،

ٿا ٻُجھن واقعا نَوان يا رَسُول الله! هُتِ مَروڙِيندا هَڏا،
ٿا ٻُجھن واقعا نَوان يا رَسُول الله! هُتِ مَروڙِيندا هَڏا،
هَيءِ مون جهڙا ڪي ئي جَڏا تَوَڪُل ويٺا تو تي ڪري.
آئون اَوهان جي آسري يا رَسُول الله، آئون اوهان جي آسري.
هَيءِ ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري،

آهيون سامِهون تون جَھل سڄڻ يا رَسُول الله! چئي غُلام نَبِي سَڄڻ،
آهيون سامِهون تون جَھل سڄڻ يا رَسُول الله! چَئي غُلام نَبِي سَڄڻ،
هَيءِ ڪل قطارين هل سڄڻ ٻَاجھ سان ٻيڙو ڀَري.
آئون اَوهان جي آسري يا رَسُول الله، ! چَئي غلام نبي سڄڻ.
هَيءِ ڪل قطارين هل سڄڻ ٻَاجھ سان ٻيڙو ڀري.
آئون اَوهان جي آسري، يا رَسُول الله، آئون اوهان جي آسري.
هَيءِ ٻِين وڃي ٻيا دَرَ پِنيا پر آئون اَوهان جي آسري.

Copyright © 2007 - 2017 - Powered by Net is Host