farhan ali qadri
Home | Video | Audio | Albums | Latest Album | Gallery | Forum | Guest Book | Search | Tell A Friend | Contact
Title Bookmark and Share farhan ali qadri


Farhan Ali Qadri - صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
        Sindhi Lyric
  Sindhi

صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن

صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

کڻي گود ۾ هي گدلو، گُناه گار پالي،
نِپائي نِپائي آخر چيئين منهنجي نالي،
کڻي گود ۾ هي گدلو، گُناه گار پالي،
نِپائي نِپائي آخر چيئين منهنجي نالي،
ٻچا شلّ مَداهي بڻجين، اُهو وقت آيو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

اگر جي مديني وارو سهارو نه ڏي ها،
ته دنيا سراسر مون کي نِنڌڻڪو سڏي ها،
اگر جي مديني وارو سهارو نه ڏي ها،
ته دنيا سراسر مون کي نِنڌڻڪو سڏي ها،
هينئر آئون نِنڌڻڪو ناهيان، سندن جو آ سايو.
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

مان ايڏو وڏو عالم پڙهيل ئي ته ناهيان،
سنڌي پنج درجا سائين پڙهيل ئي ته ناهيان،
مان ايڏو وڏو عالم پڙهيل ئي ته ناهيان،
سنڌي پنج درجا سائين پڙهيل ئي ته ناهيان،
مگر اڻ پڙهيل جو آقا اکر ڪو اگھايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

مديني جي سائين منهنجا اگھاياهن عرضڙا،
گُناهن جا مُنهنجي مَٿان لاهي ڇڏيا قرضڙا،
مَديني جي سائين مُنهنجا اگھاياهِن عرضڙا،
گُناهن جا مُنهنجي مَٿان لاهي ڇڏيا قرضڙا،
هاڻي مون کي سائين پنهنجي عشق جو رنگ لايو،
مُحمّد مٺي جو مولا ثناء گر بڻايو،
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

مُحمّد جو پاڪ نالو ماکيءَ کان مٺو آ،
اُهي سُهڻا مري ويا، جن آقا ڏٺو آ،
مُحمّد جو پاڪ نالو ماکيءَ کان مٺو آ،
اُهي سُهڻا مري ويا، جن آقا ڏٺو آ،
رحمت بڻجي جهانن جي لاءِ آقا آيو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
صَلي اَلله، نَبي اَنا، صَلي اَلله، چئو مُحمّدِن
اَمڙ تنهنجي لولي مون کي اُهو رنگ لايو،
مُحمّد مِٺي جو مولا، ثناء گر بڻايو.

Copyright © 2007 - 2017 - Powered by Net is Host