|
تنهنجو ناهي ڪو مثال
تنهنجو ناهي ڪو مثال
تنهنجو ناهي ڪو مثال
محبوب تون بيمثال
تنهنجي همسر ڪير نه ٿيندو
محبوب تون بيمثال
شمس قمر کان وڌ آهي پيارا
تنهنجو حُسن جمال
محبوب تون بيمثال
قعبي جو به قعبو تون آن
امڙ آمنه جو لال
محبوب تون بيمثال
چنڊ چيرجي ويو اِشاري تنهنجي سان
تنهنجو ڪامل ڪمال
محبوب تون بيمثال
محبوب تنهنجو نانءُ نِرالو
ميم حي ميم ۽ دال
محبوب تون بيمثال
عاجز ٻرڙي جن مٿان به
هرپل تنهنجو آ ڀال
محبوب تون بيمثال
|