farhan ali qadri
Home | Video | Audio | Albums | Latest Album | Gallery | Forum | Guest Book | Search | Tell A Friend | Contact
Title Bookmark and Share farhan ali qadri


Farhan Ali Qadri - منهنجا سهڻن ۾ سردار
        Sindhi Lyric
  Audio   Sindhi

منهنجا سهڻن ۾ سردار

منهنجا سهڻن ۾ سردار

منهنجا سهڻن ۾ سردار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

سبحان الله هر ماڻهون چئي
پهرين نظر ٿي نيلن تي پئي
واه واه نيلن جا سينگار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

در تنهنجي تي پهچڻ وارا
ڇو وڃن نه چوندا هن پيارا
ڪامل تنهنجا قرب هزار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

آمد تنهنجي تي آيون بهارون
ڪُسرا محل ۾ آيون دراڙون
آيو عربي آئي بهار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

چونڊ آ رب جي منهنجا مٺا تون
سب نبين ۾ اعلى آهين تون
جنهن تي ختمِ نبوت يار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

منهنجي نبيءَ جي شان نِرالي
ٻوٽن ڪئي آهي تنهنجي غلامي
ٻنهي جھانن جا سردار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

ملڪ تنهنجي شل مالڪ آڻي
عاجز ٻُرڙو پيو عرض اماڻي
منهنجا مُحب نبي منٺار تنهنجي ملڪ تي ميگملهار
تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ
او سائين تنهنجو شهر مدينو رحمت سان ڀرپور آ

Copyright © 2007 - 2017 - Powered by Net is Host