|
اها عارضو منهنجي آ سيني ۾
اها عارضو منهنجي آ سيني ۾
منهنجو لاش دفن ٿئي مديني ۾
ڪيان حاصل حج جي سعادت مان
سرڪار جي روضي جي زيارت مان
اچي موت رمضان مهيني ۾
منهنجو لاش دفن ٿئي مديني ۾
رياض الجنه ۾ نفل پڙهان
هٿ جوڙي ادب سان سلام پڙهان
بازياب ٿيان نوري خزيني ۾
منهنجو لاش دفن ٿئي مديني ۾
جنهن کي دلبر جو آ درڙو مليو
تنهن کي جنت ۾ آ گهرڙو مليو
ڪل چار پڙهي ويا سفيني ۾
منهنجو لاش دفن ٿئي مديني ۾
منهنجو لاش دفن ٿئي مديني ۾
|